انور بلوچ2

انور بلوچ2: ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو هڪ نه وسرندڙ آواز ۽ بهترين فنڪار انور بلوچ، 13 اپريل 1944ع تي، هيرآباد، حيدرآباد ۾ ڄائو. هن شروعاتي تعليم پرائمري اسڪول جان محمد جمالي ۽ پوءِ نورمحمد هاءِ اسڪول، حيدرآباد مان حاصل ڪئي. ذهين ۽ هوشيار هو، ان ڪري آخوند اشرف هن جي مدد ڪندي، کانئس ڏهين ڪلاس جو فارم ڀرايو ۽ کيس مئٽرڪ پاس ڪرايائين.
انور بلوچ، ڊي. اي. او (گرلس) وٽ ڪلارڪي ڪري، انٽر تائين تعليم حاصل ڪئي. هن اسٽيج ۽ ٽي. وي ڊراما به ڪيا. سندس فن جو قدر ڪندي کيس ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۾ پروڊيوسر مقرر ڪيو ويو. پاڻ سخت محنت ۽ جاکوڙ سبب جوانيءَ ۾ ئي بيمار ٿي پيو ۽ ڊگهيءَ بيماريءَ ۾ وفات ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1944.04.13  عيسوي

انور بلوچ2: ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو هڪ نه وسرندڙ آواز ۽ بهترين فنڪار -انور بلوچ- ، 13 -اپريل- 1944ع تي ، هيرآباد ، حيدرآباد ۾ ڄائو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڌامراهوعبدالرحمان مولانا
بهاول خان عباسي5
محمد ميان سومرو
رامسي تلسي
ڄام صديق ابڙو
اتا ترڪ ڪمال
دريا خان کوسو
امو کٽي
عبدالسميع ميمڻ
سهائي ابڙو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون